ڇـلڪـيـا نيـڻ ڪٽـورا

ڇـلڪـيـا نيـڻ ڪٽـورا

ڇلڪيا نيڻ ڪٽورا

ڇـلڪـيـا نيـڻ ڪٽـورا (ڪتاب): هـيءُ سـنڌ جي ناليواري شاعر مرحوم آثم ناٿن شاهيءَ جو چوٿون شعري مجموعو آهي، جنهن ۾ نظم، آزاد نظم، غزل ۽ هائيڪا شامل آهن. ڪتاب جو مهاڳ ليکڪ پاڻ لکيو آهي، جنهن ۾ هُو لکي ٿو ته: ”هن ڪتاب جي شاعريءَ ۾ ڪو ورجاءُ نظر نه ايندو، شاعريءَ جو آواز بنهه نيارو، لهجا نوان، انداز الڳ، نوان نوان موضوع، ڪيترائي بحر، وزن ۽ سٽاءَ ڏسڻ ۾ ايندا. جديد شاعريءَ واري ريس ۽ هڪجهڙائي بلڪل ڪا نه آهي.“ جڏهن ته اداري پاران سنڌي ادبي بورڊ جي تڏهوڪي سيڪريٽري ۽ ناليواري ليکڪ، شاعر اعجاز منگيءَ ۽ بئڪ ٽائٽل تي ڪهاڻيڪار مشتاق ڀرڳڙيءَ جا تاثرات شامل آهن. هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشوري، 2006ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. 176 صفحن تي مشتمل، ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت -/95 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو